اڌارام ٿانورداس ميرچنداڻي

اڌارام ٿانورداس ميرچنداڻي: سنڌي ٻوليءَ جو ناميارو ليکڪ، مترجم ۽ تعليم دان اڌارام ٿانورداس 1833ع ڌاري حيدرآباد ۾ ڄائو. شروعاتي تعليم حيدرآباد جهڙي علمي ماحول ۾، قابل استادن جي زيرنگرانيءَ ۾ ٿي، جتان کيس سنڌي ادب جي خدمت ڪرڻ جو شوق جاڳيو. اڌارام ايتروئي سٺو مترجم هوندو هو، جيترو خود طبعزاد ليکڪ هوندو هو. هن شاعريءَ ۽ نثر ۾ ڪيترن ئي ڪتابن جا بهترين ترجما ڪيا، جيڪي سنڌي ادب جو بهترين سرمايو آهن. هن ڪامسين ۽ ڪامروپ جي بيتن جو ترجمو ڪيو. سندس لکيل ڪتاب هينئر ناياب آهن. اڌارام 1853ع ۾ بنيادي تعليم جي واڌاري ۽ سڌاري لاءِ انگريز دور ۾ اوائلي نصابي ڪتابن جي تياريءَ دوران سنڌي پهريون ۽ سنڌي ٻيو ڪتاب به ترتيب ڏنا هئا. سنڌي ٻوليءَ ۾ ترجمو ڪيل پهريون ناول ’راسيلاس‘ به هن ديوان نولراءِ شوقيرام سان گڏ تيار ڪيو هو جيڪو 1870ع ۾ ڇپيو هو. سنڌي ٻوليءَ جي هن نامياري ليکڪ 1883ع ۾ وفات ڪئي. سنڌي ادب ۾ سندس نالو اڄ به وڏي عزت ۽ احترام سان ياد ڪيو وڃي ٿو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1833.00.00  عيسوي

اڌارام ٿانورداس ميرچنداڻي: سنڌي ٻوليءَ جو ناميارو ليکڪ ، مترجم ۽ تعليم دان اڌارام ٿانورداس 1833ع ڌاري حيدرآباد ۾ ڄائو .



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

راشدي غلام شاهه:
خفيف II
پير احسان الله شاهه راشدي
بخشڻ خان چانڊيو
امداد علي سرائي
ڀڳت موهن
راجا توڏر مل
ارجن داس
ايوب انصاري حضرت
بينا مسرور
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون